عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙو

عثمان راهوڪڙو: مشهور محقق ۽ شاعر عثمان ولد احمد راهوڪڙو 01 جون 1966ع تي ڳوٺ متو راهوڪڙو، ضلعي بدين ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول جمالي ڦڙدو ۽ اسماعيل راهوڪڙو، جڏهن ته مئٽرڪ 1984ع ۾ مير غلام محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي، سندس ادبي تخلص ”ستايل“ هو. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هئي. 1991ع کان ڪاوش اخبار جو ٽنڊي باگي لاءِ رپورٽر ٿيو. هو مختلف وقتن تي پريس ڪلب ٽنڊي باگي جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر رهيو. هو صحافين جي ضلعي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيم ايوان صحافت ۾ ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر به رهيو. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي شاخ جو سيڪريٽري، سگا ٽنڊي باگي جو جنرل سيڪريٽري ۽ ايريا واٽر بورڊ بدين جو 2009ع کان 2014ع تائين ميمبر رهيو. هن آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو.
سندس ڪيترائي مضمون شايع ٿيل آهن، ڇپيل ڪتابن ۾: سُڪو سنڌوءَ ڪنارا رُنا (نثر ۽ شاعري: مارچ 2014ع)، مٽي جا مور ماڻهو (خاڪا: فيبروري 2015ع)، سون سريکيون عورتون (تحقيق: 2017ع)، سنڌوءَ ۽ ھاڪڙي جا وھڪرا (تحقيق: 2019ع) شامل آهن. هن گڙدن جي تڪليف سبب حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 27 ڊسمبر 2021ع تي 56 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.06.01  عيسوي

مشهور محقق ۽ شاعر عثمان ولد احمد راهوڪڙو 01 جون 1966ع تي ڳوٺ متو راهوڪڙو، ضلعي بدين ۾ ڄائو.


2021.12.27  عيسوي

عثمان راهوڪڙو 27 ڊسمبر 2021ع تي 56 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي
ايس آر راءُ
جمعو فقير
آصف جاه نواب
سريچند پنجومل صابلاڻي
ڌڻيءَ پرتو سميجو
الهورايو نظاماڻي
قاضي دائود
راهو علي محمد
الانا ڊاڪٽر غلام علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون